شانتي هيرانند

شانتي هيرانند

شانتي هيرانند

شانتي هيرانند: نامور سنڌي فنڪاره شانتي هيرانند، ڀارت جي شهر لکنؤ ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ سان دلچسپي هوندي هئي. شروع ۾ ڪجھه عرصو لکنؤ جي موسيقيءَ جي ڪاليج ۾ تربيت ورتائين. ان کانپوءِ 1940ع واري ڏهاڪي ۾ سندس خاندان لاهور لڏي ويو، جتي هن 1947ع ڌاري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان واپس لکنؤ لڏي ويو، جتي هن رامپور جي فنڪار اعجاز حسين کان سکيا ورتي ۽ 1957ع ڌاري مشهور فنڪاره اختر بيگم جي شاگرد بڻجي، ٺمري، دادري ۽ غزل سميت راڳ جي مڪمل سکيا ورتائين. هن ڪيترائي سال اختر بيگم سان گڏ گذاريا ۽ سندس انداز اختيار ڪري زندگيءَ جو هڪ نئون رخ سکيو ۽ ساڻس گڏ پروگرامن ۾ پرفارم پڻ ڪندي رهي. هن 1981ع ۽ 1984ع ڌاري پاڪستان جي شهرن: ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ ۾ به پروگرام ڪيا. هن آل انڊيا ريڊيو تي پڻ ڪم ڪيو، ان کانسواءِ سينٽ آف پرفارمنگ آرٽس، ساهتيه ڪلا پرديش ۽ سنسڪار لاءِ به راڳ ڳايو. سندس لکيل ڪتاب Begam Akhtar - The Story of My Ammi گھڻو مقبول ٿيو. هن ڪيترين ئي فلمن لاءِ نغما ڳايا. کيس ڪيترائي اوارڊ مليا، جن ۾: ساهتيه ڪلا پرديش اوارڊ، سنڌي اڪيڊمي اوارڊ، هندوجا ڪلام اوارڊ، تريويني ڪلا سنگم اوارڊ ۽ ٻيا شامل آهن. کيس 2005ع ۾ ڀارت جي صدر پدم شري اوارڊ ڏنو، هن هندي ۽ اردوءَ کانسواءِ ڪيترائي سنڌي غزل به ڳايا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو